جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت

جلال الدين مخدوم جهانيان جهان گشتت: مخدوم جهانيان سيد جلال الدين بخاريءَ جو شمار جليل القدر عارفن ۾ ٿئي ٿو. هيءُ علم ۽ حلم ۾بي مثال هو. سيرالعارفين جو مصنف لکي ٿو ته: ”جلال الدين مخدوم جهانيان جو ڏاڏو سيد جلال الدين سرخ پوش، جنهن جو نسب مير سيد جعفر مرتضيٰ ابن حضرت امام علي نقي عليه السلام سان وڃي ملي ٿو، سو بخارا شهر مان ملتان ۾ آيو ۽ شيخ السّلام حضرت بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ جي بيعت ڪري خلافت حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اتان لڏي اچي اُچ ۾ مقيم ٿيو. کيس ٽي فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير (2) سيد بهاءُ الدين ۽ (3) سيد محمد. سيد احمد ڪبير کي ٻه پٽ ڄاوا (1) مخدوم جهانيان سيد جلال الدين حسين ۽ (2) سيد صدر الدين عرف شيخ راجو قتال.
سيد جلال الدين مخدوم جهانيان، پهرين شيخ رڪن الدين ابوالفتح (بهاءُ الدين زڪريا جي پوٽي) کان تربيت حاصل ڪئي. جتي محمد تغلق کيس سنڌ ملڪ جي شيخ الاسلامي ۽ سيوهڻ جي چاليهن ڳوٺن جي جاگير جو پروانو لکي ڏنو.“ ’سير العارفين‘ جي مصنف وڌيڪ لکيو آهي ته ”هڪ دفعي عيد جي رات هيءُ بزرگ شيخ بهاءُ الدين زڪريا جي مقبري ۾ عبادت ۾ مشغول هو ۽ ڪشف ذريعي شيخ بهاءُ الدين کان عيد جي خرچي طلب ڪيائين. مقبري جي اندران آواز آيو ته حق تعاليٰ توکي ’مخدوم جهانيان‘ جو خطاب عطا ڪيو آهي ۽ اها ئي تنهنجي عيد جي خرچي آهي. جڏهن صبح ٿيو ته جيڪو به شخص ساڻس پئي مليو، تنهن کيس ’مخدوم جهانيان‘ جي خطاب سان پئي سڏيو.“
’سير العارفين‘ ۾ ئي آهي ته: ”جڏهن سلطان فيروز شاهه جي دور ۾ مخدوم جهانيان دهليءَ پهتو ته بادشاهه هن جو تمام گهڻو معتقد ٿي ويو ۽ مخدوم جهانيان وٽ اڪثر ايندو ويندو هو. اتفاقاً بادشاهه جي وزير خان جهان هڪ اهلڪار جي پٽ کي قيد ڪري رکيو هو ۽ ان تي گهڻي سختي ڪندو هو. ان اهلڪار مخدوم صاحب وٽ حاضر ٿي سفارش جي درخواست ڪئي. مخدوم جهانيان هڪدم وزير جي گهر پهتو، پر ان بدبخت وزير اندران ئي چورائي موڪليو ته آءٌ هر گز تنهنجي سفارش قبول نه ڪندس ۽ توهان جي شڪل به نه ڏسندس. آئندي هرگز منهنجي گهر اچڻ جي تڪليف نه ڪجو.
مخدوم صاحب لڳاتار ست دفعا هن جي گهر ويو، پر هر دفعي هن انڪار ڪيو. جڏهن اٺون دفعو مخدوم جهانيان هن جي گهر پهتو ته هن چورائي موڪليو ته اي سيد! تو کي شرم نٿو اچي، آءٌ تو کي هيترا دفعا جواب ڏئي چڪو آهيان، پوءِ به تون منهنجي در تي بيٺو آهين“ ان تي مخدوم جهانيان جواب ڏنو ته هر دفعي اچڻ تي مون کي ثواب حاصل ٿئي ٿو ۽ منهنجي خواهش آهي ته هن مظلوم کي ڇڏايان ته جيئن تو کي به ثواب ملي، جهان خان سندن اخلاق ۽ حلم ڏسي ايترو ته متاثر ٿيو، جو پيرين ۽ مٿي اگهاڙو اچي مخدوم جهانيان جي پيرن تي ڪريو ۽ بيعت ڪيائين ۽ مظلوم ڇوڪري کي انعام ڏئي آزاد ڪري ڇڏيائين.“
مخدوم جهانيان سيد جلال الدين وڏي پايي جو عالم، فاضل، ولي، صاحب شريعت، طريقت ۽ اهل الله هو. ننڍي کنڊ جي گهڻن ئي الله وارن بزرگن هن کان فيض حاصل ڪيو. مخدوم جهانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 هه/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي ۽ سندس وصال 10 ذوالحج المڪرم (عيدالاضحيٰ) 785هه/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو. مخدوم جهانيان جي مزار اُچ شريف ۾ آهي. ولادت جي تاريخ ڪنهن هنڌ 14 شعبان 706 هه/ 19 جنوري 1308ع لکيل آهي، هن تمام ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر سفر ڪيو، ڪيترن ئي مشائخن ۽ عالمن سان مليو، روحاني ارتقا لاءِ هي ٽن ضابطن يعني: شريعت، طريقت ۽ حقيقت جو تعين ڪندو هو ۽ ايمان جا به ٽي درجه ٻڌائيندو هو: (1) ايمان تقليدي، (2) ايمان استدلالي، ۽ (3) ايمان مشاهداتي. سڀ کان پست ايمان تقليدي کي سمجهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1307.02.19  عيسوي

مخدوم جهانيان جي ولادت شب برات يعني 15 شعبان المعظم 706 هه/ 19 فيبروري 1307ع تي ٿي


1384.02.03  عيسوي

مخدوم جهانيان جو وصال 10 ذوالحج المڪرم ( عيدالاضحيٰ ) 785هه/ 3 فيبروري 1384ع ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حاجي مولابخش سومرو
شاهه وسائو
اشفاق پرويز ڪياني جنرل
ڀٽ برڌ واگهه
خانبهادر اَرد شير هرمسجي
امداد علي
رحمت الله شيخ
تارڙ رفيق احمد
سردار سلطان احمد خان
ڀڳونتي ناواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون